راجا پٿوراءِ

راجا پٿوراءِ: پٿو راءِ، دهلي ۽ اجمير جو راجا ٿي گذريو آهي. جڏهن حضرت خواجه معين الدين چشتي، سياحت لاءِ ملتان کان دهليءَ پهتو، تڏهن پٿوراءِ ساڻس تڪرار ڪيو ۽ خواجه چشتيءَ کي ايذائڻ شروع ڪيو. خواجه صاحب وڏو عالم ۽ بزرگ هو، جنهن کي راجا پٿوراءِ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ هندو جوڳين کي حڪم ڏنائين ته خواجه کي جادوئي علم ذريعي شڪست ڏني وڃي. جوڳين خواجه تي جادو هلائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيا. نيٺ جوڳين جو وڏو گرو، جيپال مقابلي لاءِ تيار ٿيو. پر جئپال شڪست کاڌي ۽ خواجه صاحب جي بزرگيءَ کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو عبدالله رکيو ويو. جنهن کانپوءِ راجا جا ٻيا ڪيترا امير ۽ ملازم به مسلمان ٿي خواجه معين الدين چشتيءَ جي مريديءَ ۾ آيا. پٿوراءِ پنهنجي ناڪامي ڏسي خواجه کي ڌمڪي ڏني، جنهن جي جواب ۾ خواجه معين الدين چشتيءَ فرمايو ته ’پٿوراءِ کي زنده مسلمانن جي حوالي ڪريون ٿا.‘ سلطان شهاب الدين ان وقت ’خراسان‘ ۾ هو، جيڪو پوءِ جلدي هندستان تي ڪاهي آيو ۽ پٿوراءِ سان جنگيون ڪيائين. ٻئي حملي بعد شهاب الدين غوريءَ جي لشڪر کي فتح ٿي ۽ پٿوراءِ خواجه معين الدين جي اڳڪٿيءَ مطابق زنده گرفتار ٿيو، جنهن کي بعد ۾ سلطان شهاب الدين غوريءَ جي لشڪر قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سلطان شهاب الدين غوري دهليءَ تي قبضو ڪري مسلمانن جي حڪومت قائم ڪئي.


لفظ راجا پٿوراءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو